خواجه نظام الدين مجددي شڪارپوري

خواجه نظام الدين مجددي شڪارپوري: سنڌ جي مشهور ۽ معروف بزرگ ۽ فارسيءَ جي شاعر خواجه نظام الدين مجددي ولد خواجه غلام محي الدين پشاور ۾ جنم ورتو. هن پنهنجي ڏاڏي جي نگرانيءَ هيٺ تربيت ۽ تعليم حاصل ڪئي، تصوف ۽ سلوڪ جون منزلون طئي ڪيون. جڏهن پشاور تي سکن قبضو ڪيو، تڏهن هيءُ پنهنجي خاندان سميت 1806ع ڌاري شڪارپور ۾ اچي آباد ٿيو، جتي ميرن سندس تمام گهڻي عزت ڪئي ۽ کيس جاگير به ڏني. پاڻ نقشبندي طريقي جو بزرگ هو. خواجه نظام الدين مجددي علوي خاندان پاران جاگيرن ۽ نذرانن جي باوجود هن فقير ۽ درويشيءَ جي زندگي گذري.
انڪساري ۽ عاجزيءَ سان سموري زندگي گذاريائين. خانداني روايت موجب فارسي شعر به چوندو هو. سندس ڪجهه غزل ۽ مناجاتون ملن ٿا. سندس ڪتابن ۾ ’اسرار رموز نقشبنديه‘ ۽ ’خمس ڪريما‘ قابلِ ذڪر آهن. پهرئين ڪتاب ۾ نقشبندي طريقي جي خوبين ۽ تصوف جي اسرارن جو بيان ٿيل آهي. ان کانسواءِ سندس ٻيا به ڪيترا ڪتاب لکيل آهن. هن بزرگ 17 رجب 1273هه/ 13 مارچ 1857ع تي وفات ڪئي. سندس مقبرو شڪارپور جي لکي دروازي وٽ آهي. کيس 9 فرزند ٿيا، جن مان خواجه امام الدين گادي نشين ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1857.03.13  عيسوي

هن بزرگ 17 رجب 1273هه/ 13 مارچ 1857ع تي وفات ڪئي



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

امداد سروري
ثناءُ الله ثنا سرهندي
بهاول فقير
اسير امتياز
سرڪش سنڌي
ڀڳوان ٽلواڻي
دينپوري مولانا محمد عمر
درگاهي ميراڻي
اصغر نديم سيد
پنائي مبين
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون